ڄام نواز علي

ڄام نواز علي: سنڌ جي مشهور ڳوٺ ڄام نواز علي، جوڻيجا سياسي خاندان جو آبائي ڳوٺ آهي. جڏهن ڄام صادق علي سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو، تڏهن پنهنجي ڳوٺ/ شهر کي تعلقي جي حيثيت ڏنائين. ان ريت هيءُ شهر ضلعي سانگھڙ جو ڇهون تعلقو بنجي ويو. بعد ۾ هتي ڪيئي سرڪاري عمارتون ۽ ريسٽ هائوس تعمير ڪيا ويا. هيءُ وڌندڙ شهر سانگھڙ کان 60 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ به هتي واقع آهي.


لفظ ڄام نواز عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو